سنڌ ۽ سنڌين بابت

سنڌ ۽ سنڌين بابت

سنڌ ۽ سنڌين بابت

سنڌ ۽ سنڌين بابت (Something About Sindh & Sindhis: ڪتاب): هي ڪتاب ’سنڌ ۽ سنڌين بابت‘ انگريزيءَ ۾، هند جي مشهور ليکڪ صاحب بجاڻيءَ جو سوالن جوابن جي انداز ۾ لکيل آهي. ڪتاب هيٺين عنوانن ۾ ورهايل آهي: (1) تاريخ (History)، (2) جاگرافي (Geography)، (3) سڀيتا (Civilization)، (4) ٻولي ۽ لپي (Language & Script)، (5) ادب (Literature)، (6) سياست (Politics)، (7) فلم ۽ اسٽيج (Film & Stage)، (8) شخصيتون (Personalities). ڪتاب ۾، شاهه، سچل، سامي، اُڏيري لعل، ناميارن فنڪارن: ڪنور ڀڳت، ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي، دادا جشن واسواڻيءَ کانسواءِ ماسٽر چندر، پروفيسر رام پنجواڻي، ڀڳونتي ناواڻي، شانتي هيرانند، راڻي ڪرنا، انيلا سندر، مشهور عوامي قصن: راءِ ڏياچ، ليلا چنيسر، مارئي، مومل راڻي، نوري ڄام تماچي، سهڻي ميهار، مورڙي ۽ مانگر مڇ، سنڌ جي شهيد هيمون ڪالاڻي، سياستدانن: ڄيٺي سپاهيملاڻي، چوئٿرام گدواڻي، نامور اديبن: ديوان ڪوڙيمل، مرزا قليچ بيگ، ڏيارام گدومل، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ، ڄيٺمل پرسرام، لعلچند امرڏنو مل، منگهارام ملڪاڻي، تيرٿ بسنت، پوپٽي هيراننداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، هوندراج دکايل، هري دلگير، اي. جي. اتم، موهن ڪلپنا وغيره بابت دلچسپ سوال جواب ڏنل آهن.
ڊيمي سائيز جي 82 صفحن تي مشتمل ڪتاب، انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ڇپايو آهي، ان ڪري اُن جا ٻه اکر، اداري جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ستيش روهڙا لکيا آهن.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، 2000 ڪاپيون، 1997ع ۾ ڇپيو ۽ اُن جو ٻيو ڇاپو 1999ع ۾ پڻ 2000 ڪاپيون ڇپيو، جنهن جي قيمت 30 روپيا آهي.


لفظ سنڌ ۽ سنڌين بابتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو